ڳڙهي ياسين شھر

ڳڙهي ياسين (شھر): ضلعي شڪارپور جو هڪ شھر ۽ تعلقو آهي. شھر جو بنياد ارڙهين صدي عيسويءَ ۾ ياسين خان نالي شخص رکيو. هي شھر شڪارپور سان گڏ سکر ضلعي جو به تعلقو هو. 1977ع ۾ شڪارپور کي ضلعي جي حيثيت ڏئي سکر کان ڌار ڪيو ويو ۽ ڳڙهي ياسين کي شڪارپور جو تعلقو بنايو ويو. هي شھر شڪارپور شھر کان پندرهن ڪلو ميٽر جي پنڌ تي اولھه طرف واقع آهي. سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر آغا سراج دراني ۽ فيڊرل شريعت ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس آغا رفيق خان دراني جو تعلق هن شھر سان آهي. هي شھر لاڙڪاڻي ۽ ڪنڌڪوٽ سان روڊ ذريعي ڳنڍيل هجڻ ڪري ڪاروبار جي لحاظ کان اڳڀرو آهي. هن شھر جي تاريخي ماڳن ۾ جوڻيجا مسجد مشھور آهي. شھر جي آسپاس زمينون زرخيز آهن. جن ۾ چانور، ڪڻڪ، دال، مڪئي، ڪمند ۽ اناج وارا فصل ٿين ٿا. شھر ۾ رائيس ملون ۽ تيل جا ڪيترائي ڪارخانا هجڻ سبب، روزگار جا بھترين موقعا ميسر آهن. زراعت کي ترقي وٺرائڻ لاءِ ترقياتي مرڪز قائم ٿيل آهي. شھر ۾ بوائز هاءِ اسڪول، گرلس هاءِ اسڪول، بوائز ڪاليج، سول اسپتال، پوسٽ آفيس، پوليس ٿاڻو، مختيار ڪار آفيس، جناح هال، لائبرري، پبلڪ پارڪ قائم هجڻ سان گڏ ٻيون سموريون بنيادي سھولتون ميسر آهن. 1995ع ۾ شھر سان گڏ سرڪار ’ماڊل وليج‘ تعمير ڪرايو. شھر کي ٽائون جي حيثيت مليل آهي. ان ڪري انتظام ٽائون ڪميٽي جي حوالي آهن. 2017ع جي آدمشماري مطابق هن تعلقي جي آبادي ٽي لک پندرهن هزار، اٺ سؤ ٽياسي (315883) آهي. هن تعلقي ۾ ٻه شھر مدئجي، ڊکڻ ۽ ڪجهه ڳوٺ شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو